سنڌ جي مختصر تاريخ

سنڌ جي مختصر تاريخ

سنڌ جي مختصر تاريخ

سنڌ جي مختصر تاريخ (ڪتاب): هيءَ سنڌ جي مختصر تاريخ، سبقن جي صورت ۾ ننڍن درجن ۾ پڙهائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ سال 1916ع ۾ لکي هئي. هي ڪتاب 38 سبقن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ جو آڳاٽي دور کان وٺي انگريزن جي حڪومت تائين جو بيان مختصر انداز ۾ ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1920ع ۾ اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد سنڌ مان مرزا قليچ بيگ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ڪرائون سائيز جي 98 صفحن تي مشتمل هِن ڪتاب جي قيمت اٺ پايون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو